Auto
Biography
آتم جنم ساکي
آئون تمام عاجز ۽ الله جو ٻانهو احمد اصغر قريشي بن قريشي عبدلحئي، (جهانگي) بتاريخ 7 - نومبر 1959ع ۾ ان وقت ضلعي ٿر پارڪر ( ميرپورخاص ) جي ننڍڙي شهر جيمس آباد ڪوٽ غلام محمد ۾ پيدا ٿيس۔ اسانجو گھر مير الهداد خان ٽالپر جي پلاٽ لڳ ريلوي اسٽيشن جيمس آباد ۾ ڪرائي / مسواڙ تي ورتل هو. جيڪو بعد ۾ 1979 ۾ خريد ڪيو ويو. هن شهر جي گهٽين ۽ روڊن تي راند روند ڪندي پنهنجي بلوغت ڏانهن زندگي جو سفر جاري وساري رکيو. ننڍپڻ جي وهيء ۾ ڪجهه عرصو 1964ع کان 1966ع تائين پنهنجي نانا قاضي پير بخش بن محمد بچل قاضي (ثانيءَ) جي چيچ جهلي، پنهنجي ڏاڏاڻي سهتن جي قائم ڪيل ڳوٺ خانواهڻ تعلقه ڪنڊ ياري ضلع نواب شاه (هاڻو ڪي ضلعي نو شهرو فيروز) ۾ ٿوري شعور پر ٻالڪپڻي ۾ جهاتي پاتي ۽ اتان جي قديم گورنمنٽ بوائز پرائمري مين اسڪول خانواهڻ ۾ سائين محترم محمد بچل ڪوندر وٽ پرائمري جي الف . بي ۽ پٽي پڙهڻ لا۽ حاضر ٿيس، پرپوء جلد ئي واپس پنهنجي پيدائش واري هنڌ يعني جيمس آباد ۾ 1967ع کان 1971ع تائين گورنمنٽ پرائمري مين اسڪول مان پنجون درجو پاس ڪيو. ۽ سيڪنڊري تعليم 1971ع کان 1976ع ۾ گورنمنٽ بوائز هائي اسڪول ابن الهيشم جيمس آباد مان بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن حيدرآباد تحت سيڪنڊري اسڪول سرٽيفڪيٽ Part-I&II نائون ۽ ڏهون پاس ڪيو. جڏهن ته1973 – 1972۾ ايليمينٽري گريڊ ۽ انٽرميڊئيٽ گريڊ ڊرائنگ جا امتحان پڻ رجسٽرار آف ڊپارمينٽل ايگزامينشن ڊائريڪٽر آف اسڪول ايڊيوڪيشن حيدرآباد ريجن حيدرآباد سنڌ تحت ساڳئي اسڪول مان پاس ڪيا. والد صاحب جي مسڪيني غريبي حال ۽ وڏي ڪٽنب جي پيش نظر 1978 ۾ سرٽيفڪيٽ ان.ڪامرس (C.Com) ۽ ڊپلومه . ان – ڪامرس (D.Com) گورنمنٽ ڪمر شل، انسٽيٽيوٽ ميرپورخاص لڳ ماڊل ڪالبج ۽ ماڊل هائي اسڪول ميرپورخاص مان سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايڊيوڪيشن ڪراچي تحت پاس ڪيو.
ان بعد فراغت ۽ واندي ويهڻ جي بدران ڪجهه ڏينهن هلال
پاڪستان / ڪاوش ڪراچي اخبار جي ڪالم ’’جهاتيون‘‘ ۾ تاريخي هنڌن بابت ۽ ڪجهه ٻين مومضوعن تي لکڻ شروع ڪرڻ
سان گڏ و گڏ ذريعه معاش ڳولهڻ جي در رهيس. هي وقت منهنجي لاءِ تمام اذيت وارو ۽
ڏکيو دور هو. ان دوران سڀ کان پهرين محترم استاد محمد بشير آرائين وٽ گهڙيون مرمت
ڪرڻ ۽ فريم سازي جو ڪم سکڻ شروع ڪيو. بعد ۾ فوڊ ڊپارٽمنٽ، ايم.سي.بي بينڪ حڪيم
الدين هورمس جي ڪاٽن فيڪٽري ۾ ڪلارڪ ۽ آخر ۾ نانا ڻي خاندان جي محترم ۽ مهربان
قاضي عبدالله قريشي (جيڪو ان وقت پوسٽل لائيف انشورنس جي کاتي ۾ سکر ۾ ڊائريڪٽر
هو) جي ٿورن سان پوسٽ آفيس ڊپارٽمنٽ جي ڊويزنل آفيس ميرپورخاص ۾ ٽائپسٽ – ڪم – ڪلارڪ طور
1979ع کان 1982ع تائين ڪم ڪيو ۽ زندگي، جو گاڏو گهلجندو رهيو. 1982ع جي آخر ۾
طبعيت جي ناسازي جي ڪري پوسٽ آفيس ڊپارٽمنٽ کي ڇڏي گهر ۾ علاج خاطر آرمي رهيس.
ان بعد باقاعدي طور تي تعليم کاتي سان لاڳاپو قائم ٿيو.
اپريل1983ع ۾ سائين محترم حيدر علي لغاري
شائق ۽ بابا سائين جي ٿورن سان گورنمنٽ پرائمري اسڪول اسٽيشن ڪوٽ غلام محمد ڀرڳڙي (جيمس
آباد) ايٽ کوسو پاڙو ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر (PST) ڀرتي ٿيس جلدئي
جنوري 1984ع ۾ ان وقت جي ضلعي ايڊ يوڪيشن آفيسر محترم جناب ايم . ڊي . ڀٽو جي ٿورن
سان گورنمنٽ بوائز هائي اسڪول شادي پليءِ ۾ ڊرائنگ ٽيچر (D.T) ڀرتي ٿيس.
ان تعليم سان لاڳا پيل عرصي دوران 1978ع ۾ انٽرپاس ڪرڻ بعد
هڪ وڏي عرصي کا نپوءِ تعليمي سفر کي ٻيهر شروع ڪيو. 1989ع ۾ بي.اي (B.A)، 1994ع ۾ ايم.اي (M.A)اسلامڪ ڪلچر
پاس ڪيو. 1988ع۾ اي.ٽي.سي (A.T.C)/ڊي.ٽي.سي (D.T.C)، 1997ع۾ بي.ايڊ (B.Ed) ۽ 2001ع ۾ ايم۔ايڊ (M.Ed) ، 2001ع ۾ اي.ايم.سي(AMC)/ايم.ڊي (M.D) ڊرائنگ جو امتحان پاس ڪيو.
1998ع ۾ منهنجي تعليمي ڪريئر ۾ هڪ عجيب پرسٺو موڙ آيو. هتي
ان جو ذڪر ڪرڻ پڻ ضروري آهي. گسٽا سنڌ جي سيڪنڊري استادن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙڻ
واري هڪ بهترين تنظيم آهي. جنهن جو بانيڪار سر محترم جناب شوڪت علي خاصخيلي (ضلع
ميرپورخاص ۾) آهي. گسٽا جي پليٽ فارم تي سرگرم ۽ ڀرپور حصووٺڻ جي ڪري (سائين محترم
خالد حسين راجپوت جيڪو ان وقت گسٽا جو ضلع ميرپورخاص جو صدر هو) جي ٿورن ۽
مهربانين سان، ان وقت جي بدنام زمانه آرڊرس 1998ع.تحت هائي اسڪول ٽيچر (H.S.T) طور گورنمنٽ بوائز هائي اسڪول کاڻ ۾
داخلڪار ٿيس. هي منهنجي زندگي. جو هڪ اڻ وسرندڙ واقعو ۽ الله تعالي جي طرفان غيبي
امداد جي حاصلات جو نمونوپڻ آهي. ڪن سياسي مجبورين جي ڪري اهو آرڊر رد ٿيڻ جي آڌار
تي وري ڊرائينگ ٽيچر D.T، بعد ۾ وري 2012ع ۾ ٻيهر بحالي ٿيڻ جي صورت
۾ H.S.T طور گورنمنٽ بوائز هائي اسڪول دولت لغاري ۾ جوائنگ
ورتي. منهنجو هي آرڊر ڪئڊر / ڪاڊر جي تبديلي نه هئي. پر ٽيچرس ڪوٽا تي ٿرو- پراپر - چئنل جي ذريعي اپلائي ڪرڻ جو
نتيجو هو جيڪو منهنجي لاءِ رب تعالي ا طرفان ڏنل ڪنهن انعام
کان گهٽ ڪين هو. جنهن ۾ پوئين سروس شامل ڪرايل هئي.
اهڙي طرح تعليم کاتي ۾ 36 سالا نوڪري جي عرصي دوران جيمس
آباد ڪوٽ غلام محمد، شادي پلي، فضل عمر، ڪنري، جهلوري، سامارو شهر، سامارو روڊ،
گورنمنٽ ڊرائنگ ٽيچرس ٽرينگ ڪاليج تلڪ چاڙي حيدرآباد، محمود آباد ٽالهي، نبي سر
روڊ، احمد دل، ڪاچيلو فروٽ فارم، کاڻ، سيڪيرياري، الهڏنو لاکو (اي-ڊي لاکو)، ماڊل هائي اسڪول ميرپورخاص، دولت لغاري ۽ پراڻي ميرپور
جي اسڪولن ۾ پنهنجا تعليمي فرض خوش اسلو بيءَ سان نڀائيندي. 2019-11-06 ۾ پنهنجي
عمر جا سٺ (60)سال پورا ٿيڻ تي رٽائرڊ ٽي پينشن (Pension) تي لٿس هنئير
موجوده وقت ميرپورخاص، حبيب ڪالوني يوسي 05، تعلقه حسين بخش مري ۾ رهائش پذير
آهيان.
هڙ حاصل-:
منهنجو 36 سالا نوڪريء وارو عرصو سٺن تجربن مشاهدن، قرب ۽
پيار ڪندڙ ساٿي استادن، سٺن شاگردن ۽ اڻ وسرند ڙ ياد گيرين جي اڪريل عڪسن سان
ٽمٽار آهن. هن سڄي عرصي ۾ منهنجي ڪوشش رهي ءِ شاگردن جي دل جي اٿاهه گهرائين ۾ رهي
ڪري، سندن زندگي جي جوت اهڙي نموني روشن ڪجي جئين هو زندگي، جي هر عمل ۾ سرگرم ۽
هر ميدان عمل ۾ ڪامياب ڪامران ۽ سر خرو رهن. اها منهنجي عملي ڪوشش پڻ رهي.
مون هن عرصي ۾ شاگردن جي مرضي ۽ منشا مطابق ڪم/سکياڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. جنهن ۾ آئون ڪامياب پڻ رهيس. مون ٻارن / شاگردن جي تربيت / سکيا، يوناني جين جيڪ روسيو(1712-1778) Jean Jacques Rousseau تعليمي ڏاهي جي آڌار تحت ڪئي. ۽ ڪوشش ڪئي ته شاگردن کي سندن مرضي ۽ روين مطابق تعليم سان سنوار ڪجي. واقعن جي آخر ۾ ڏنل انگريزي جا هي ٻه حوالا شايد منهنجي مشاهد ن ۽ تجربن جو نچوڙ پڻ آهن ۽ جين جيڪ روسيو جي فلسفي جو حاصل پڻ آهن.
1) The Education of the Students, For the Students and by the Students.
2) The Education is the better counselling among the teacher & students so education means counselling of the students for the students and by the students.
منهنجو ذاتي مشاهدو و ۽ تجربو پڻ ان ڳالهه تي پختو يقين رکي
ٿو نه تعليمي ادارا (اسڪول) صرف روائتي درس گاهه نه هئڻ گهر جن . پرهنن ادارن
(اسڪولن) کي مڪمل تربيت گاهه هئڻ گهر جي جتي شاگردن کي سندن مرضي ۽ منشا مطابق
سندن صلاحتين جي آڌار تي سندن ئي ذهني اخلاقي ۽ جسماني تربيت پڻ ڪئي وڃي.
پراسانجو موجوده تعليمي نظام پاليسن جي آڌار تي سڄو زور
درسي ڪتابن ۽ خامين سان ڀريور نصاب (Curriculum)تي آهي. استاد
پڻ انهيءَ پاليسي تي گامزن نظر اچي ٿو. پر جديد دور جو شاگرد پرئڪٽيڪل (Practical) ٿي چڪو آهي. ان ڪري هي فطري طور تي درسي
ڪتابن ۽ نصاب کان بيزار ۽ باغي نظر پيواچي. ان ڪري ضرورت آهي ته تعليمي نظام جي
سڌاري لاءِ رڳو زباني خرچ يا ڪاغذي پاليسن کان مٿ ڀرو ٿي ڪري سوچڻ جي ضرورت آهي.
اميد تي دنيا قائم آهي – اسين به ان
آڌار تي اميد رکون ٿا ته حڪومت پڻ تعليم سان لاڳاپيل ماهرن سان ملي ڪري ان جي
سڌاري لاءِ اڳرا قدم کڻندي . آمين
فقط دعا گو-:
احمد اصغر قريشي بن قريشي عبدالحئي ’’جهانگي‘‘
پلاٽ نمبر 01، حبيب ڪالوني، لڳ حبيب مسجد
يو.سي-05، تعلقه حسين بخش مري ضلع ميرپورخاص، سنڌ، پاڪستان
Website / Blogger: www.motionmalah.blogspot.com
E-Mail: ahmedasgharqureshi@gmail.com
asgharqureshi6@gmail.com
Cell
# 0308-3317770 /
0333-2017807