رب پاڪ جا انسانذات تي ڪروڙھا احسان , رحم ۽ ڪرم آھن۔۔۔۔ الله ڪريم انسان خاطر انيڪ نعمتون خلقيون آھن۔ جن جو ڪاٿو ڪرڻ انسان جي وس کان ٻاھر آھي۔۔۔۔ انسان کي انھن نعمتن جو شاڪر رھڻ گھرجي۔۔۔۔
اھڙي نعمتن ۾ ھئڊ - ھيڊ (Hy...d)..... Turmeric ٽرمرڪ ( عام کاڌي واري ھئڊ ) , جھڙي خوشبؤ دار مصالحي ۽ دوا طور استعمال ٿيندڙ ( انبا ھئڊ Curmeric longa ) جڙي ٻوٺي ۽ سالياني فصل جي صورت ۾ پيدا ڪئي آھي۔۔۔
ھئڊ - ھيڊ تمام قديم ۽ اوائلي دؤر کان انسان جي استعمال ۾ رھندي پئي اچي ۽ اڄ سوڌي استعمال ۾ آھي۔۔ ھڪ اندازي موجب تقريبن 500 BC , يا 2500 سالن کان بہ وڌيڪ واري زماني کان ھئڊ - ھيڊ جو تعارف دوا طور استعمال ٿيندڙ جڙي ٻوٽيءَ طور ڪرايو ويو۔۔۔ تاريخ مان ان ڳالھ جو پڻ پتو پوي ٿو تہ ھئڊ - ھيڊ کي دوا طور ڪتب آڻڻ سان گڏوگڏ ڦڪي يا پيلي رنگ Yellow colour جي حاصلات ( جنھن کي علم ڪيميا جي اصطلاح ۾ ڪرڪيومين Curcumin جي نالي زرد / ڦڪي رنگ وارو ڪئميڪل چئبو آھي ) , شين جي محافظ ۽ اسانجي روز مره جي کاڌن کي رنگ ڏيڻ ۽ ذائقو ڏيڻ لاءِ پڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو۔۔۔۔۔۔
ھئڊ - ھيڊ بنيادي طور تي گلدار ٻوٽن ادرڪ جي خاندان ( Ginger Family ) جي ھڪ تمام وڏي گروپ ´ Zinziberaceae ´ زنزيبريسي سان تعلق رکي ٿي۔۔۔ جنھن جون 56 نسلون ۽ تقريبن 1300 کان بہ وڌيڪ Varieties/Species قسم / جنسون آھن۔۔۔۔۔
ھن خوشبوء دار مصالحي ۽ دوا طور استعمال ٿيندڙ انمول ۽ گلدار ٻوٽي مان حاصل ٿيندڙ ميوي / ڦل کي سنڌيءَ ۾ ھئڊ- ھيڊ , اردوءَ ۾ ہلدی Haldi , عربيءَ ۾ عروق الصفر , فارسيءَ ۾ زرد چوب , بنگلا ديش جي بنگلا ٻوليءَ ۾ ہلٹ , گجراتي ۾ ہلدر , ڪشميري زبان ۾ لدر ۽ يورپ جي ميڊيڪل دنيا ۾ ھئڊ کي انڊين سئف رن (Indian Saffron) يعني انڊين زعفران سڏيو وڃي ٿو۔۔۔۔ جڏھن تہ سندس سائنسي نالو ڪريڪم لونگا (Curcume Longa) ۽ ڪريڪوما ائيرو
مائيٽڪا( Curmcuma Arometica آھي۔۔۔۔۔۔...
ھئڊ - ھيڊ جو فصل : -
ھن خوشبؤ دار جڙي ٻوٽيءَ جو فصل ´اشنڪٽبنديءَ ۽ سب ٽرائپسڪ جي گھم ۽ ڪجھ موسمي طور تي خشڪ علائقن ۾ پوکيو وڃي ٿو۔۔۔ھي ھندوستان , چين ۽ پاڪستان ۾ قصور , اوڪاڙھ , لاھور , سيالڪوٽ , مردان , بنون , ھري پور , ميرپورخاص ۽ سانگھڙ ضلعن ۾ پوکي وڃي ٿي۔۔۔ ھي ھڪ جابلو/ ميداني علائقن جي نباتاتي پاڙ مثل آھي۔۔ ھئڊ - ھيڊ جو فصل ساليانو فصل آھي۔۔۔ جيڪو زمين تي سخت محنت ۽ سٺي ڀاڻ جي استعمال سان ڪيامابيءَ سان پوکي سگھجي ٿو۔۔۔ ھن جي پوکيءَ لاءِ موزون وقت مارچ - اپريل جا مھينا آھن ۔۔۔ جڏھن تہ لابارو جنوري - فيبروري جا مھينا مناسب آھن۔۔۔ جئين تہ ھي فصل سڄو سال زمين ۾ رھي ٿو۔۔ ان ڪري ھن سان گڏ کرين تي ڀاڄيون ۽ ٻارين ۽ ٻنن تي ارھر , ھيرڻ ۽ پاشيوري پوکڻ گھرجي , جئين ھن جي نسريل ٻوٽن کي ڇانوَن ملي ۽ گرمي ۽ سرديءَ کان بچاؤ رھي۔۔ ھن جي واڌ ويجھ لاءِ پوٽاشيم سلفيٽ جو ڀاڻ استعمال ڪرڻ گھرجي۔۔۔ لاباري وقت ھئڊ - ھيڊ جون تازيون ڳڙيون ٻوٽي جي پاڙن مان ڪوڏر سان کوٽي حاصل ڪيون وڃن ٿيون۔۔ ھئڊ - ھيڊ جي ڳڙين کي ڌڪ ۽ چپر کان بچائڻ گھرجي۔۔سڄي ٻوٽي کي پٽڻ بعد ان جا اضافي پن ڪپي ۽ پاڙون وڍي ڇڏجن۔ ڳڙين مٿان وريل مٽي صاف ڪري, ڳڙين جا آڱر جھڙا ڊگھا حصا گول حصن کان جدا ڪري, آڱر جھڙن حصن کي ڪچي صورت ۾ وڪڻڻ گھرجي۔۔۔۔
ھئڊ -ھيڊ جو ٻوٽو :-
ھئڊ جو ٻوٽو زير زمين ٿڙ مان پيدا ٿئي ٿو۔۔۔ ان جي ٿڙ تي ڊگھائي واري حصي تي گول ڇلن وانگر ڇلر , ڳنڍ ٺاھين ٿا۔۔۔ جنھن مان پن جي مکڙي ٻاھر نڪري ٿي۔ ۽ ٿڙ زمين اندر رھجي وڃي ٿو۔۔ ان مان گونچ ۽ پنڌرنھن ڏينھن کانپؤ گونچ وارو پن پيدا ٿئي ٿو۔۔۔ ھئڊ جو پن چوٽي وٽان نوڪدار/چونھنب وارو ھوندو آھي ۔ جيڪو ھڪ خول جي صورت ۾ ٿڙ کي ڍڪي رکي ٿو۔۔سندس رنگ سائو ھوندو آھي۔۔ھي نسرڻ مھل ننڍا , بعد ۾ وڏا ٿي وڃن ٿا۔۔۔ھن جو پن ٻہ فٽ ڊگھو ۽ وچ تي 18 انچ ويڪرو ٿي وڃي ٿو۔۔۔ٻوٽو تيار ٿيڻ تائين ھن جو قد چئن فٽن تائين پھچي وڃي ٿو۔۔ ھئڊ جون ڳڙيون ھڪ انچ جي قطر جون ۽ پاڙون لسيون ۽ 9 انچ اونھيون وڃن ٿيون۔۔۔ ھئڊ جو گل ڪيف جھڙو ھوندو آھي۔۔ان جو ٻج سندس ڪيپسول ۾ ۽ ٽن خانن وارو ۽ گول ٿئي ٿو۔۔۔
ھئڊ جو استعمال ۽ فائدا :-
ھئڊ جو رنگ زرد/ ڦڪو , ذائقو تلخ / ڪڙو ۽ سندس مزاج گرم ۽ خشڪ آھي۔۔۔
ھن کي Desiblity سڀ کان پھرين مصالحي طور متعارف ڪرايو۔۔۔
ھئڊ جو روز مره ٻوڙ ۽ رس وارن کاڌن ۾ ٿئي ٿو۔۔۔۔۔۔۔
ھئڊ کاڌن کي خوشبؤدار , لذيذ ۽ رنگدار بنائي ٿي۔۔۔۔۔
ھئڊ مان ڦڪي رنگ جو ڪئميڪل نالي Curcumin حاصل ڪري , ان سان سوٽي , اوني ۽ ريشمي ڪپڙا رڱيا وڃن ٿا۔۔۔۔۔
ھئڊ ۾ سلفر جو مقدار تمام گھڻو ملي ٿو ۔۔ ان ڪري ھن کي نباتاتي سلفر چئجي ٿو۔۔ جيڪو بدن تي ڌڪ ۽ زخم جي صورت ۾ اينٽي سپ طور ڪم ڪندي ڦٽن ۽ زخمن کي سڪائڻ , ڌوئڻ سوڄ کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو۔۔
ھئڊ دستن, بخار, سائي يرقان , جيري جي گڙٻڙ , پيشاب جي خرابي ءَ لاءِ فائيمند آھي۔۔۔
ھيڊ جي تازي رس پيٽ جي ڪيڙن کي ختم ڪري ٿي۔۔۔
ھئڊ جو استعمال کنگھ , مٺن پيشابن ( شگر) , معدي جي خرابي , ريح, بادي , چمڙيءَ جي بيمارين لاءِ پڻ اڪسير آھي۔۔۔۔۔
ھئڊ جي تازي ڳڙي وڇونءَ ۽ نانگ جي ڏنگ تي لڳائڻ سان آرام ملي ٿو۔۔۔
ھئڊ مان ٽرمرڪ آئيل ٺھي ٿو۔۔۔
۔
ھئڊ کي ترن جي تيل ۾ ملائي ليپ ڪرڻ سان زھر جي اثرن کي ختم ڪري سگھجي ٿو۔۔۔
۔
ھئڊ ۽ ڪڻڪ جي اٽي کي ھم وزن ملائي , ڍڳيءَ جي کير سان ملائي منھن ۽ بدن تي ابٽن ( عورتون خاص طور) طور استعمال ڪري منھن جي داغن ۽ ڇاھين کي صاف ڪيو وڃي ٿو۔۔۔
ھئڊ ۾ وٽامن سي ۽ ڪي , ڪاربوھائيڊريٽس , فائبر , سڻڀ , پروٽين, مختلف قسم جا لوڻ , فلورائيڊس ۽ غذائيت سان ڀرپور عنصر موجود آھن۔۔۔
ھن ۾ موجود اينٽي آڪسيڊنٽ , اينٽي انفلاميٽري , نيورو پروٽيڪٽيو , اينٽي ڪينسر , ھيپاٽو پروٽيڪٽيو ۽ ڪارڊيو پرو ٽيڪٽيو جھڙن عنصرن جي موجودگي ھن جي اھميت ۽ ڪارج کي اٽرائتو بنائين ٿا۔۔۔۔
ھئڊ نھايت ئي ڪارآمد ۽ مفيد جڙي ٻوٽي آھي ۔۔ پر ھن ۾ موجود ھڪ خطرناڪ زھريلو مادو , ھن کي انتھائي خطرناڪ ۽ نقصان وارو بنائي ٿو۔۔ ان ۾ احتياط جي ضرورت رھي ٿي۔۔۔۔
اردو ۽ ھندي زبان ۾ ھئڊ لاءِ اصطلاح يا پھا ڪا پڻ مشھور آھن۔۔۔
a).ھلدی لگا کے بیٹھنا
To presume a great deal....
ڪنھن وڏي ڳالھ کي فرض ڪري وٺڻ۔۔
b). ھلدی لگے نہ پٹھکری , رنگ چوکھا کا چوکھا۔۔۔
Without any expenses qulet easily...
To gain some thing without Cost or labour...
ڪنھن خرچ ۽ محنت کان سواءِ , ڪنھن شيءِ جو ملي وڃڻ يا حاصل ٿي وڃڻ۔۔۔
فقط دعاگو۔۔۔۔۽ دعائن جو طالب ۔۔۔