Friday, May 3, 2024

ھئڊ ۔۔۔ Turmeric

 رب پاڪ جا انسانذات تي ڪروڙھا احسان , رحم ۽ ڪرم آھن۔۔۔۔ الله ڪريم انسان خاطر انيڪ نعمتون خلقيون آھن۔ جن جو ڪاٿو ڪرڻ انسان جي وس کان ٻاھر آھي۔۔۔۔ انسان کي انھن نعمتن جو شاڪر رھڻ گھرجي۔۔۔۔


اھڙي نعمتن ۾ ھئڊ - ھيڊ (Hy...d)..... Turmeric ٽرمرڪ ( عام کاڌي واري ھئڊ )  , جھڙي خوشبؤ دار مصالحي ۽ دوا طور استعمال ٿيندڙ ( انبا ھئڊ Curmeric longa ) جڙي ٻوٺي ۽ سالياني فصل جي صورت ۾ پيدا ڪئي آھي۔۔۔


ھئڊ - ھيڊ تمام قديم ۽ اوائلي دؤر کان انسان جي استعمال ۾ رھندي پئي اچي ۽ اڄ سوڌي استعمال ۾ آھي۔۔ ھڪ اندازي موجب تقريبن 500 BC , يا 2500 سالن کان بہ وڌيڪ واري زماني کان ھئڊ - ھيڊ جو تعارف دوا طور استعمال ٿيندڙ جڙي ٻوٽيءَ طور ڪرايو ويو۔۔۔ تاريخ مان ان ڳالھ جو پڻ پتو پوي ٿو تہ ھئڊ - ھيڊ کي دوا طور ڪتب آڻڻ سان گڏوگڏ  ڦڪي يا پيلي رنگ Yellow colour جي حاصلات ( جنھن کي علم ڪيميا جي اصطلاح ۾ ڪرڪيومين Curcumin جي نالي زرد / ڦڪي رنگ وارو ڪئميڪل چئبو آھي ) , شين جي محافظ ۽ اسانجي روز مره جي کاڌن کي رنگ ڏيڻ ۽ ذائقو ڏيڻ لاءِ پڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو۔۔۔۔۔۔


ھئڊ - ھيڊ بنيادي طور تي گلدار ٻوٽن ادرڪ جي خاندان ( Ginger Family ) جي ھڪ تمام وڏي گروپ ´ Zinziberaceae ´ زنزيبريسي سان تعلق رکي ٿي۔۔۔ جنھن جون 56 نسلون ۽ تقريبن 1300 کان بہ وڌيڪ Varieties/Species قسم / جنسون آھن۔۔۔۔۔ 


ھن خوشبوء دار مصالحي ۽ دوا طور استعمال ٿيندڙ انمول ۽ گلدار ٻوٽي مان حاصل ٿيندڙ ميوي / ڦل کي سنڌيءَ ۾ ھئڊ- ھيڊ , اردوءَ ۾ ہلدی Haldi , عربيءَ ۾ عروق الصفر , فارسيءَ ۾ زرد چوب , بنگلا ديش جي بنگلا ٻوليءَ ۾ ہلٹ , گجراتي ۾ ہلدر , ڪشميري زبان ۾ لدر ۽ يورپ جي ميڊيڪل دنيا ۾ ھئڊ کي انڊين سئف رن (Indian Saffron) يعني انڊين زعفران سڏيو وڃي ٿو۔۔۔۔ جڏھن تہ سندس سائنسي نالو ڪريڪم لونگا (Curcume Longa)  ۽ ڪريڪوما  ائيرو 

مائيٽڪا( Curmcuma  Arometica آھي۔۔۔۔۔۔...


ھئڊ - ھيڊ جو فصل : -

ھن خوشبؤ دار جڙي ٻوٽيءَ جو فصل ´اشنڪٽبنديءَ ۽ سب ٽرائپسڪ جي گھم ۽ ڪجھ موسمي طور تي خشڪ علائقن ۾ پوکيو وڃي ٿو۔۔۔ھي ھندوستان , چين ۽ پاڪستان ۾ قصور , اوڪاڙھ , لاھور , سيالڪوٽ , مردان , بنون , ھري پور , ميرپورخاص ۽ سانگھڙ ضلعن ۾ پوکي وڃي ٿي۔۔۔  ھي ھڪ جابلو/ ميداني علائقن جي نباتاتي پاڙ مثل آھي۔۔ ھئڊ - ھيڊ جو فصل ساليانو فصل آھي۔۔۔ جيڪو زمين تي سخت محنت ۽ سٺي ڀاڻ جي استعمال سان ڪيامابيءَ سان پوکي سگھجي ٿو۔۔۔ ھن جي پوکيءَ لاءِ موزون وقت مارچ - اپريل جا مھينا آھن ۔۔۔ جڏھن تہ لابارو جنوري - فيبروري جا مھينا مناسب آھن۔۔۔ جئين تہ ھي فصل سڄو سال زمين ۾ رھي ٿو۔۔ ان ڪري ھن سان گڏ کرين تي ڀاڄيون ۽ ٻارين ۽ ٻنن تي ارھر , ھيرڻ ۽ پاشيوري پوکڻ گھرجي , جئين ھن جي نسريل ٻوٽن کي ڇانوَن ملي ۽ گرمي ۽ سرديءَ کان بچاؤ رھي۔۔ ھن جي واڌ ويجھ لاءِ پوٽاشيم سلفيٽ جو ڀاڻ استعمال ڪرڻ گھرجي۔۔۔ لاباري وقت ھئڊ - ھيڊ  جون تازيون ڳڙيون ٻوٽي جي پاڙن مان ڪوڏر سان کوٽي حاصل ڪيون وڃن ٿيون۔۔ ھئڊ - ھيڊ جي ڳڙين کي ڌڪ ۽ چپر کان بچائڻ گھرجي۔۔سڄي ٻوٽي کي پٽڻ بعد ان جا اضافي پن ڪپي  ۽ پاڙون وڍي ڇڏجن۔ ڳڙين مٿان وريل مٽي صاف ڪري, ڳڙين جا آڱر جھڙا ڊگھا حصا گول حصن کان جدا ڪري, آڱر جھڙن حصن کي ڪچي صورت ۾ وڪڻڻ گھرجي۔۔۔۔


ھئڊ -ھيڊ جو ٻوٽو :- 

ھئڊ جو ٻوٽو زير زمين ٿڙ مان پيدا ٿئي ٿو۔۔۔ ان جي ٿڙ تي ڊگھائي واري حصي تي گول ڇلن وانگر ڇلر , ڳنڍ ٺاھين ٿا۔۔۔ جنھن مان پن جي مکڙي ٻاھر نڪري ٿي۔ ۽ ٿڙ زمين اندر رھجي وڃي ٿو۔۔ ان مان گونچ ۽ پنڌرنھن ڏينھن کانپؤ گونچ وارو پن پيدا ٿئي ٿو۔۔۔ ھئڊ جو پن چوٽي وٽان نوڪدار/چونھنب وارو ھوندو آھي ۔ جيڪو ھڪ خول جي صورت ۾ ٿڙ کي ڍڪي رکي ٿو۔۔سندس رنگ سائو ھوندو آھي۔۔ھي نسرڻ مھل ننڍا , بعد ۾ وڏا ٿي وڃن ٿا۔۔۔ھن جو پن ٻہ فٽ ڊگھو ۽ وچ تي 18 انچ ويڪرو ٿي وڃي ٿو۔۔۔ٻوٽو تيار ٿيڻ تائين ھن جو قد چئن فٽن تائين پھچي وڃي ٿو۔۔ ھئڊ جون ڳڙيون ھڪ انچ جي قطر جون ۽ پاڙون لسيون ۽ 9 انچ اونھيون وڃن ٿيون۔۔۔ ھئڊ جو گل ڪيف جھڙو ھوندو آھي۔۔ان جو ٻج سندس ڪيپسول ۾ ۽ ٽن خانن وارو ۽ گول ٿئي ٿو۔۔۔


ھئڊ جو استعمال ۽ فائدا :-

ھئڊ جو رنگ زرد/ ڦڪو , ذائقو تلخ /  ڪڙو ۽ سندس مزاج گرم ۽ خشڪ آھي۔۔۔


 ھن کي Desiblity سڀ کان پھرين مصالحي طور متعارف ڪرايو۔۔۔


ھئڊ جو روز مره ٻوڙ ۽ رس وارن کاڌن ۾ ٿئي ٿو۔۔۔۔۔۔۔


ھئڊ کاڌن کي خوشبؤدار , لذيذ ۽ رنگدار بنائي ٿي۔۔۔۔۔


ھئڊ مان ڦڪي رنگ جو ڪئميڪل نالي Curcumin حاصل ڪري , ان سان سوٽي , اوني ۽ ريشمي ڪپڙا رڱيا وڃن ٿا۔۔۔۔۔


ھئڊ ۾ سلفر جو مقدار تمام گھڻو ملي ٿو ۔۔ ان ڪري ھن کي نباتاتي سلفر چئجي ٿو۔۔ جيڪو بدن تي ڌڪ ۽ زخم جي صورت ۾ اينٽي سپ طور ڪم ڪندي ڦٽن ۽ زخمن کي سڪائڻ  , ڌوئڻ سوڄ  کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو۔۔


ھئڊ دستن, بخار, سائي يرقان , جيري جي گڙٻڙ , پيشاب جي خرابي ءَ لاءِ فائيمند آھي۔۔۔


ھيڊ جي تازي رس پيٽ جي ڪيڙن کي ختم ڪري ٿي۔۔۔


ھئڊ جو استعمال کنگھ , مٺن پيشابن ( شگر) , معدي جي خرابي , ريح, بادي , چمڙيءَ جي بيمارين لاءِ پڻ اڪسير آھي۔۔۔۔۔


ھئڊ جي تازي ڳڙي وڇونءَ ۽ نانگ جي ڏنگ تي لڳائڻ سان آرام ملي ٿو۔۔۔


ھئڊ مان ٽرمرڪ آئيل ٺھي ٿو۔۔۔


۔

ھئڊ کي ترن جي تيل ۾ ملائي ليپ ڪرڻ سان زھر جي اثرن کي ختم ڪري سگھجي ٿو۔۔۔

۔ 

ھئڊ ۽ ڪڻڪ جي اٽي کي ھم وزن ملائي , ڍڳيءَ جي کير سان ملائي منھن ۽ بدن تي ابٽن ( عورتون خاص طور) طور استعمال ڪري منھن جي داغن ۽ ڇاھين کي صاف ڪيو وڃي ٿو۔۔۔


ھئڊ ۾ وٽامن سي ۽ ڪي , ڪاربوھائيڊريٽس , فائبر , سڻڀ , پروٽين, مختلف قسم جا لوڻ , فلورائيڊس ۽ غذائيت سان ڀرپور عنصر موجود آھن۔۔۔

ھن ۾ موجود اينٽي آڪسيڊنٽ , اينٽي انفلاميٽري , نيورو پروٽيڪٽيو , اينٽي ڪينسر , ھيپاٽو پروٽيڪٽيو ۽ ڪارڊيو پرو ٽيڪٽيو جھڙن عنصرن جي موجودگي ھن جي اھميت ۽ ڪارج کي اٽرائتو بنائين ٿا۔۔۔۔


ھئڊ نھايت ئي ڪارآمد ۽ مفيد جڙي ٻوٽي آھي ۔۔ پر ھن ۾ موجود ھڪ خطرناڪ زھريلو مادو , ھن کي انتھائي خطرناڪ ۽ نقصان وارو بنائي ٿو۔۔ ان ۾ احتياط جي ضرورت رھي ٿي۔۔۔۔


اردو  ۽ ھندي زبان ۾ ھئڊ لاءِ اصطلاح يا پھا ڪا پڻ مشھور آھن۔۔۔

a).ھلدی لگا کے بیٹھنا

To presume a great deal....

ڪنھن وڏي ڳالھ کي فرض ڪري وٺڻ۔۔

b). ھلدی لگے نہ پٹھکری , رنگ چوکھا کا چوکھا۔۔۔

Without any expenses qulet easily...

To gain some thing without Cost or labour...

ڪنھن خرچ ۽ محنت کان سواءِ , ڪنھن شيءِ جو ملي وڃڻ يا حاصل ٿي وڃڻ۔۔۔


فقط دعاگو۔۔۔۔۽ دعائن جو طالب ۔۔۔



No comments:

Post a Comment