اسان ميئٽرڪ ( ڏھين ڪلاس ) ۾ اڪبر الله آبادي جي نظم ۾ پڙھيو تہ * بیکار مبعاش مت بیٹھا کر ۔۔۔ گر فرصت ملے تو پجامہ ادھیڑ کر سيا کر * ھی نظم سائين محترم معين الدين قائم خاني (GBHS KOT GHULAM GHULAM MUHAMMAD )جي مڌر آواز ۾ واھ جو لطف ڏيندو ھو , سندن آواز جي جھونگار اڄ بہ پڙاڏن جي صورت ۾ منھنجي ڪنن ۾ گونجندي رھي ٿي ۔۔۔
بس ان ڪري اڄ واندي وھڻ بدران ڪجھ ڪرڻ لاءِ * پاڻيءَ ۾ بصرن جو آچار * جي تياري لاءِ سندرا ٻڌاسين ۔۔
بازار مان ننڍا / پتڪڙا بصر وٺي آياسين۔۔ بصرن کي ڇلھي/کلون لاھي ھڪ وڏي ٿالھ ۾ رکي۔۔۔۔۔ انھن ۾ ڪُٽيل رائي (Mustard) , جنھن کي ٺيٺ سنڌيءَ ۾ *اَھُر * ۽ سرہ پڻ سڏجي ٿو۔۔۔ ھي ثابت داڻن (Grains) ۽ پيٺل صورتن ۾ پسارين جي دوڪانن تي عام ملي ٿي۔۔ ڳاڙھا/ ڪُٽيل مرچ , لوڻ پنھنجي ذائقي مطابق شامل ڪري ايترو پاڻي وجھڻ گھرجي جو بصرپاڻيءَ ۾ مڏي وڃن ۔۔۔ ھنن کي ڪنھن مرتبان/برنيءَ ۾ وجھي , چند ڏينھن لاءِ اُس ۾ رکڻ گھرجي۔۔۔ چنڊ ڏيھن ۾ مزيدار آچار تيار ٿي ويندو ۔۔۔
ھي کائڻ ۾ تمام ذائقيدار ۽ لذيذ ٿئي ٿو۔۔ ھاضمي لاءِ پڻ مفيد آھي۔۔۔ منھنجي پسنديده خوراڪ آھي۔۔۔ ڪجھ نہ ھئڻ جي صورت ۾ ھن سان ماني پڻ کائي سگھجي ٿي۔۔۔
https://www.facebook.com/share/p/fU7uTah57H9rtJCq/?mibextid=qi2Omg
۔۔
No comments:
Post a Comment