Monday, April 29, 2024

ھنداڻو / ڇانھين - ڇانھون

 ** ھن دنيا ۾ رب پاڪ جي طرفان عطا ڪيل  نعمتن ۾ ميوون Fuirts جي اھميت  ۽ ضروت کان ڪير بہ انڪار نٿو ڪري سگھي ۔۔ اصل ۾ دنيا جي ڪُنڊ  ڪُڙڇ ۾ ميووي جي گھڻائي جو سبب ھڪ طرف تہ حضرت ابراھيم عليه السلام جن جي دعا مبارڪ جو نتيجو ۽ ثمر آھي۔۔۔ حضرت ابراھيم جي ان دعا جو ذڪر قرآن ڪريم جي پھرين سيپاري ´ آلم ´ جي سورت البقره جي آيتن  127 کان 129 تائين رڪوع #  ۾ تفصيل سان ڪيو ويو آھي۔۔۔ خاص طور تي آيت # 126 ۾ ارشادِ رباني آھي تہ 

´..... ۽ جڏھن ابراھيم ( عليه السلام) دعا گھري تہ یا رب ھن شھر(مڪتہ المبارڪ ) کي امن وارو شھر بڻا ۽ ھن ۾ رھڻ وارن مان جيڪي, الله تي ۽ قيامت جي ڏينھن تي ايمان رکن ۔۔ سندن کائڻ  لاءِ ميووا عطا فرماء۔۔۔۔ الخ

سندن ان دعا جي ڪري اڄ دنيا جي ھر ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ انيڪ ۽ مخلتف  ميوون جي جھجھائي ۽ گھڻائي نظر اچي ٿي۔۔ اھي ميووا کائڻ ۾ لذيذ , ذائقيدار , مٺا ۽ فرحت بخش پڻ آھن۔۔۔ نہ صرف ايترو پر  سوره ´الرحمٰن ` ۾ سندن تشبيھ جنت جي ميوون سان ڪئي ويئي آھي ۔۔


** ٻئي طرف وري رمضان المبارڪ جي برڪت ۽ رحمتن سان ڀريل لمحن ۾ الله تعاليٰ طرفان عطا ڪيل بيشمار نعمتن جي ڪھڙي ڳالھ / بات ڪجي !! 


ھن ميھني جي پل پل ۾ رحمتن , مغفرتن ۽ بخششن جي خزانن سان گڏ ميوون ۾ برڪتن , دسترخوانن ۽ عبادتن جي وسعتن جا منظر ۽ مظھر  اکين ڏٺا مشاھده ۔۔۔ مور نٿا وسرن ۔۔۔اھڙن منظرن ۽ دسترخوانن تي ميوون جي گھڻائي جي مشاھدن ۾ ۔۔۔  ھڪ ميوو اھڙو بہ نظر آيو ۔۔ جنھن جي موجودگيءَ کانسواءِ دسترخوان اڻ پورا ۽ خالي ٿي نظر آيا ۔۔۔ انھن ميوون ۾ ھنداڻو / ڇانھون / ڇانھين جي موجودگي روزي ۾ لڳل اُڄ - اوساٽ ۽ پاڻيءَ جو پورائي لاءِ ھڪ وڏي اوليت ۽ نعمت رکندڙ ھئي ۔۔۔


* ھنداڻو- ڇانھين - ڇانھون۔۔۔۔

A Water Melom


في فَصل جا فيصلا, اکين ڏسان عبرت جھا, 

چيٽ,  آڌائون , ڪَتي قدرت ڏيکاري ڪم ڪھاڙ ا , 

ڇا وَنگا, ڇانھيون, ڪِ گدرا گول ميووا مَڪ مِھا ,

(حاجي مولوي احمد ملاح )


** ھنداڻو - ڇانھين سڄي جڳ پَل ۾ پنھنجي مٺي-شيرين Sweetness , ذائقي , فرحت , آرام ۽ سڪون بخش ميووي/ ڦل طور مشھور آھي۔۔ ھي تمام ناميارو ميوو/ڦل مختلف علائقن ۾ پنھنجي پنھنجي علائقائي انداز/طريقن/نمونن سان دنيا جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ واپرايو ۽ کاڌو وڃي پيو۔۔۔ ھي عام طور تي گدري Pumpkin , ڪدو/ ڪَڪَڙي/ ونگو Cucumber/Gourd ۽ انگورن Grapes وانگر ولن ( ولِ - A Creeper ) يا بيلاڻنون  اوڄن ( Flower Tisues ) تي مشتمل ھوندو آھي۔۔۔ سدن ولون پڌري پٽ / زمينن ۽ وراياسن/ ريگستانن جي علائقن ۾ پکڙيل ھونديون آھن۔۔ ھڪ اندازي مطابق ھڪ ول ۾ تقريبن ويھ کن ھنداڻا ھوندا آھن۔

** ھن لذيذ , خوشبودار ۽ انيڪ خوبين جي حامل ميووي کي مخلتف زبانن/ٻولين ۾ مختلف نالن سان سڏيو ۽ سڃاتو وڃي ٿو۔۔۔سنڌي زبان ۾ ھن کي ھنداڻو/ ڇانھين/ ڇانھون , انگريزيءَ ۾ A Water melon , اردو ۽ ھنديءَ ۾ تربوز (تربوزه) , ڪالند , بطيخ , فارسيءَ ۾ بطيخ , دابوقه , ھندوانه , عربيءَ ۾ الخربز ۽ بطيخ احمر , ترڪيءَ ۾ ڪرپوز /ڪارپوز (Karpuz) ۽ بنگاليءَ زبان ۾ ھنداڻي کي  ترمج- خرموج سڏيو وڃي ٿو۔۔۔۔ 


** تاريخ جي ورقن ۾ پڙھي حيرت ٿئي ٿي تہ سنڌ جي جر جھنگ ۾ ازخود پيدا ٿيندڙ ٽُوھ يا ٽُرھ Bitter Apple / Citrullus Colocythis کي عربيءَ ۾ ´ الخربز ابوجھل ´ Abu Jahl`s melon  ۽ اردوءَ ۾ تربوزِ ابوجھل سڏيو وڃي ٿو۔ ´ٽُوھ ` ھڪ زھريلو مادو رکندڙ ڦل آھي۔۔ پر طب ۽ حڪمت جي دنيا ۾ ھن جي استعمال کي مفيد سمجھيو وڃي ٿو۔۔ ۽ ڪافي بيمارين جي علاج لاءِ استعمال ٿئي ٿو۔۔۔


** ھنداڻا گول, ڊگھا ۽ لمبوتري شڪل ۾  ملن ٿا۔۔  ھنداڻن  ۾ 92 سيڪڙو پاڻي , وٽامن C , وٽامن A , اربو ھائيڊريٽس , پروٽين , ڪئيلشيم , فاسفورس , لائڪوپين جا جزا ھوندا آھن ۔۔ سندن مٿاڇرو ( کل-خول) تمام سخت , مضبوط ڪار سرو( ساواڻ مائل ) , سائي رنگ , طوطائي سائي رنگ جا ھوندا آھن۔۔۔جنھن تي وري گھري سائي ۽ ڪاري سائي رنگ جا پٽا اُڪريل ۽ ڪٿي ڪٿي پيلي/ڦڪي رنگ جا چٽ ھوندا آھن ۔ ان سخت خول / کل Cover  جي ھيٺيان اڇي رنگ جو ٿلھو تھ ھوندو آھي۔۔ جيڪو ھنداڻي جي کل/ خول ۽ اڇي تھ جي اندر ڳر/گودي Pulp of Fuirt يا مادي کي محفوظ رکي ٿو۔ ھنداڻن جي ڳر/ گودو ڳاڙھو , گلابي , اڇي , پيلي زرد / ڦڪي رنگ جو ٿئي ٿو۔۔ ھي پيلي/ڦڪي رنگ واري گودي/ ڳر وارا ھنداڻا ماکيءَ جھڙا مٺا ۽ تمام لذيذ ھوندا آھن۔ جڏھن تہ سنڌ جي ٿر / ريگستانن ۾ ملندڙ ڳاڙھي ڳر/ گودي وارن ھنداڻن کي ´ گلالو ` ۽ اڇي گودي/ڳر واري آڙڪ ھنداڻي کي ´ ڪارينگ ` / ڀوڏ ڪارينگ سڏيو وڃي ٿو۔۔                               


۔** سندن ڳر/گودي ۾ وري سخت ڪاري , اڇي , ڳاڙھي , ابلق ۽ ڦڪي يا زرد رنگ جا رنگ جا ٻج Seed pods ھوندا آھن ۔ جن کي سنڌيءَ ۾ ” ڪُريون پڻ سڏيو وڃي ٿو۔ ٻين زبان ۾ تخمہ ھندوانہ ۽ تخمہ تربوز  پڻ سڏيو وڃي ٿو ,  جن کي لوڻ ۾ ملائي , ڇانون ۾ سڪائي يا وري سيڪي انساني ۽ حيواني استعمال ۾ اچن ٿا ۔۔ ھنن ۾ پروٽين , ڪئلشيم ۽ ٻيا ڪيترائي وٽامنز  ٿين ٿا۔ ۔ سندس ول ۾ ھڪ چوٽي ( ڏانڊي) يا تسر سان گڏوگڏ ڏوئي نما ڊگھو تاندرو A String ۽ ھيرڻ  Castor Oil Treeيا پپيتي Papayaجي وڻن جھڙا وڏا پن پڻ ھوندا آھن۔۔۔


ھنداڻا , مائيدار يا وَتِ Substantial واري گروه ۾ شامل آھن۔۔ ھنن جي تاثير ( مزاج ) , تر ۽ سرد ۽ ذائقي ۾ مٺا شيرين Sweetesh  ٿين ٿا . طب ۽ حڪمت جي لحاظ کان ھنن جو شمار تمام مفيد ۽ فائدمند  دوا ۾ ٿئي ٿو۔۔۔ ھن جي پاڻياٺ ۾ مٺاس ۽ لوڻياٺو Salty ذائقو ھوندو آھي۔۔ 

** جنسي Template/ Taxonomy لحاظ کان ھن جو شمار Cucurbitaceae ۾ ٿئي ٿو۔۔۔

** ھنداڻي جو سائنسي / حياتياتي نالو سائٽرلينيٽس Citrullus  lanatus / Citrullus Vulgaris سائٽرلس ول گرس آھي۔۔

** ھن شمار ڪدو Pumpkin/Gourd Family خاندان ۾ ٿئي ٿو۔۔ 

** ھي ھڪ اشڪنجين Squashey يعني نپوڙڻ يا ڦيھڻ  وارو ميوو پڻ آھي۔


** ھنداڻي جي تاريخ :- 


** ھتي پنھنجي ذاتي مطالعي ۽ مشاھدي جي  حوالي سان ھڪ نقطي جي وضاحت ڪرڻ چاھيانٿو تہ حضرت آدم عليه السلام ۽ شعيشت عليه السلام جي نبي ٿيڻ  کانپؤ حضرت نوح عليه السلام بن لمڪ يا لامڪ,  ( پاڻ زمين تي) حضرت آدم عليه السلام کانپؤ پاڻ پھريون نبي ۽ رسول ھئا... کين آدمِ ثاني پڻ سڏيو وڃي ٿو۔۔۔ اھڙي طرح سندن پاڻيءَ واري طوفان کان اڳ  ٻيڙيءَ جي تياريءَ جو احوال قرآنِ ڪريم جي ٻارھين سيپاري ´ و مامن دابة ` , سوره ´ ھود` جي رڪوع # 4 , جي آيتن 37 کان 40 جي آيتن ۾ وڏي تفصيل سان آيل آھي۔۔ انھن آيتن سڳورين ۾ ھڪ ھنڌ آيو آھي تہ 

´  ...اسان نوح ( عليه السلام ) کي حڪم ڏنو تہ ھر قسم جي (ساھوارن) مان جوڙو ٻہ ٻہ ( ھڪُ - ھڪُ نر ۽ ھڪَ - ھڪَ مادي ) کڻ ۔۔۔۔

ھنن آيتن ۽ الله پاڪ جي حڪم مان ھڪ ڳالھ واضح ٿئي ٿي تہ ھر ساھواري شيءِ جنھن ۾ انسان , حيوان ۽ ٻوٽا اچي وڃن ٿا ۔۔ انھن جي نئين سر اوسر ۽ ارتقاء / ارتقائي عمل  ´ طوفانِ نوح` ختم ٿيڻ بعد ٻيڙيءَ جو ´ جودي ` جبل / چوٽيءَ تي پھچڻ/ بيھڻ کانپؤ وجود ۾ آيو ھوندو۔۔ يعني نسلِ انساني ۽ ھر شيءِ جي نئين سر ارتقاء ۽ اوسر جو عمل پڻ سندن کان اجاري و ساري ٿيو۔ سندن اولاد ´ سام ` مان ايشيائي قومون ,  ´ ھام ` مان آفريقي قومون , ´يافت ` مان آمريڪي ۽ يورپي قومن جي نسل جي اوسر ۽ ارتقاء ٿي ۔۔ جڏھن تہ سندن اولاد مان  ´ يام´ الله پاڪ جي طرفان طوفانِ نوح  عذاب جي صورت ۾ نازل ٿيل پاڻيءَ واري طوفان ۾ مُڏي غرق ٿي ويو ۔۔۔

(ذاتي مطالعي ۽ مشاھدي جو نتيجو )


تاريخ جي لحاظ ۽ حوالي آڌار ھنداڻي / ڇانھين جي پوک ۽ سندس استعمال جا ثبوت دريائي نيل جي ماٿري واري علائقن ۾ ملن ٿا۔۔۔ جنھن جو سلسلو قبل مسيح تائين پکڙيل آھي۔۔ ھنداڻن جا ٻج Seed pods , ٻارنھين خاندان جي جاين / گھرن ۽ مصري فرعون ٽوتنڪ ھامان جي قبر مان پڻ مليا آھن۔ 961 ۾ قرطبه Qurtuba Spain ۽ 1185 ۾ ´ اشبيليه / ھسپانيه Seville spain ۾ پڻ ھنداڻي جي پوک ۽ سندن استعمال جا ثبوت/اھڃاڻ ملن ٿا۔۔ مسلمانن اندلس / اسپين جي حملن دؤران ھنداڻي جي ميووي کي يورپ جي علائقن ۾ پھچايو۔ 17 صدي ۾ يورپ ۾ ھنداڻا معمولي باغائي ميووي/فصل طور پوکيا ويا۔۔


** تاريخ جا ورق اھو پڻ ٻڌائين ٿا تہ ھنداڻي / ڇانھينءَ جو اصل ماڳ آفريڪا جا جھنگ / ريگستان Forest & Deserts آھن ۔۔ جتي  ھڪ اندازي مطابق ھنن جا ٻج حضرت نوح عليه السلام جي پٽ ´ حام ´ جي نسل پھچايا۔ جتي ھنداڻا مٺن , ڪئوڙن , کَٽن ذائقن ۾ اوائلي دؤرن کان کاڌا ۽ پوکيا وڃن پيا۔۔ ھي آفريڪا جي ڪالاھاڙي (Kalahari) جي برپٽن , رڻن ۽ ريگستاني علائقن ۾ برساتي موسم ۾ تمام گھڻي مقدار ۾ ملن ٿا۔۔۔


ھنداڻن جي پوک :- 

ھنداڻن جي پوک لاءِ لٽاسي زمين /وارياسي زمين يا وري ڪچي جي علائقن ۾ سيلابي پاڻيءَ جي لھي وڃڻ   کانپؤ وٽ آيل زمين , سندن پوک لاءِ نھايت ئي مؤزون ۽ نشو نماءَ لاءِ بھتر ھوندي آھي۔۔ سندن پوک کُرين ۽ کُرين کانسواءِ ۽ واڙين ۾ ڪري سگھجي ٿي۔۔ کُرين ( کرن) ۾ پوکيل ھنداڻن جو فصل ڀلو ۽ بھتر ٿئي ٿو۔۔۔ ھنن جي پوک لاءِ تمام گھڻي پاڻيءَ جي ضرورت پوي ٿي۔۔۔ ھنداڻا سنڌ جي ورياسي ۽ سانگھڙ جي ورياسن علائقن ۾ پوکيا وڃن ٿا۔۔۔ ٿر جي وارياسي ۽ ڪنئري زمين ۾ پوکيل ھنداڻا وڏا ۽ مٺا ٿين ٿا۔۔۔ ھي خريف جي مندجو فصل آھي۔۔۔ نھري علائقن ۾ ھنداڻن جا ٻہ فصل حاصل ڪيا وڃن ٿا۔۔۔ ھڪ فيبروري - مارچ ۽ ٻيو جون - جولاءِ ۾ ۔۔۔

 

**  ھنداڻي جي فصل کي گرم , خشڪ آبھوا جي ضرورت پوي ٿي۔۔ ھي سخت سئيُ يا سياري جي موسم کي برداشت نٿو ڪري سگھي۔۔ ان ڪري ھنداڻن کي سرد ۽ ٿڌي ھوا کان بچائڻ لاءِ  کين ڪککن , سرن  ۽ لون جي ڪاٺين  سان ڍڪي يا پوريو وڃي ٿو۔۔۔۔


**  ٿر جي علائقي ۾ ھنداڻا اڪثر ڪري ول جي صورت ۾ پوکيا وڃن ٿا۔۔۔ ٿر جا ماڻھون  ھنن جي ´ ڪَڇن ´ يا ڪَڇا گؤنچن  جن کي تسرون پڻ سڏجي ٿو, کي زمين ۾ پوکيون وڃن ٿيون۔۔ تسرين جي ڊيگھ اٺن فوٽن کان مٿي ٿئي ٿي۔۔۔ 

ھنداڻي جي پرک (ڪچي / پڪي جي آڌار تي ) :- 

* ھنداڻي جو چوٽو (ڏانڊي) Stalk/Stem جتي تسر سان جڙيل / ڳنڍيل ھوندو آھي  , اتي ڏوئيءَ ladle وانگر ھڪ ڊگھو تاندورو A string or thread بہ ھوندو آھي ۔۔۔ جيڪڏھن اھي ٻئي يعني تسر ۽ تاندورو ساوا ھوندا تہ ھنداڻو ڪچو , جي اھي ڪارا ۽ سڪل ھوندا تہ  ھنداڻو پڪل ھوندو ۔۔۔

*  ھن جي پرک جو ٻيو طريقو اھو بہ آھي تہ ھنداڻي کي ھٿن ۾ کڻي ڪري تري Plam يا آڱر سان ڌڪ ھڻجي جي ڌڪ جو آواز چٽو ٻڌڻ ۾ اچي تہ ھنداڻو ڪچو ۽ جھڪو آواز ھجي تہ ھنداڻو پڪو سمجھيو ويندو ۔۔

**  ھنداڻو خريد ڪرڻ وقت , سندس سخت کل/ خول  تي نارنگي يا گھري ڦڪي رنگ / پيلي رنگ جا وڏا وڏا ٽٻڪا / چٽ ھجن تہ سندس ڳر/ گودو  مٺو ۽ رسيل ھوندو ۔۔

ھنداڻن کي کائڻ جا طريقا :- 

** ھنداڻن کي کائڻ جو سڀ کان بھترين طريقو نبي ڪريم صلي عليہ و آلہ وسلم  جن پنھنجي حديثن جي ذريعي ٻڌايو آھي۔۔ ۽ ان سلسلي لاءِ ڪافي روايتون ۽ وضاحتون موجود آھن ۔۔ ھڪ حديث ۾ آھي تہ پاڻ سڳورا صلي الله عليه وآله وسلم جن ھنداڻي کي پڪل کجين سان گڏ تناول فرمائيندا ھئا ۔۔ ۽ پاڻ صلي الله عليه وآله وسلم فرمائيندا ھئا تہ اسين صلي الله عليه وآله وسلم کجين جي گرميءَ کي ھنداڻي جي ٿڌاڻ سان ۽ ھنداڻي جي ٿڌاڻ کي کجين جي گرميءَ کي ٽوڙيندا ھئا۔۔۔ ھن قسم جي حديثن جي راوي حضرت اُم المُؤمنين بيبي عائشہ صديقہ رضي الله عنھما آھن۔۔


* ٿر ۾ ھنداڻن کي برابر اڌو اڌ ڪري , پيالي نما ٺاھي , ان اندر سندس ڳر/ گودي / پلُ کي ھٿن سان ڦيھي پاڻيءَ جھڙو ڪري , ان جا ڍُڪ ڀري ڀري , ريگستان جي شديد اُ ڄ ۽ پياس کي اوجھائيندا ھئا ۔ ھي پڻ ھنداڻن کي پيئڻ ۽ کائڻ جو ھڪ بھتر ۽ سٺو طريقو آھي۔۔

* ھن جو مشروب / شربت گرمين لاءِ سٺو مشروب ثابت ٿيو آھي۔۔۔ جنھن کي ٻين  مشروبن سان استعمال ڪري سگھجي ٿو۔

* ڪچن ھنداڻن کي ڀاڄيءَ طور ۽ پڪن کي ڪترا ڪترا يا ڳترا ڳترا ڪري ميووي طور استعمال ڪيو وڃي ٿو۔۔۔

** ھنداڻا طب ۽ حڪمت جي لحاظ کان پڻ ڏاڍا ڪمائتا ۽ فائديمند آھن۔ 

۔ھي جگر جي گرمي , گھڻي اُڄ ۽ اوساٽ ,  صفرا ۽ رت جي جوش بلڊ پريشر , پيشاب , مثاني جي گرمي ۽ گردن جي صفائي ۽ پٿريءَ , بخار , يرقان  ۾ ھن جو پاڻي شڪنجين ڪري پئارڻ  مفيد دوا طور ڪم ڪن ٿا۔۔۔ ھي معدي جي تيزابيت , ھاضمي , ويسر گھٽائڻ/ ياداشت کي مضبوط ڪندڙ , وزن جي گھٽتائي , چرٻي کي ڳارڻ , نظر کي تيز ڪندڙ ,  کل /جلد / چمڙي جي مرضن ۽ ڪينسر جھڙن موذي مرضن لاءِ پڻ نفع بخش دوا آھي۔۔۔۔۔

دعائن جو طالب ۔۔۔۔۔

No comments:

Post a Comment