Monday, April 29, 2024

تريل مصالحدار ساوا مرچ

 واندو رھڻ کان بيگار ڀلي ۔۔۔۽ زندگي جي گاڏي ۾ چرپر لاءِ ڪجھ تہ ڪرڻ ضروري آھي ۔۔۔ ان لاءِ ڪلھ پنھنجي مرغوب ۽ پسند واري شيءِ جي تياريءَ ۾  ٻانھن ٻيلي   ۽ مصروف ٿي وياسين ۔۔۔                    


تريل مصالحدار ساوا مرچ 

Fried Spicy Green Chillies

  

** ساوا مرچ ننڍا توڙي وڏا , ٻج ڦرين Seed Pods ,  سان ڀريل چھچ ساوا/ ڳاڙھا ڏسڻ م سھڻا, پر ذائقي ۾ تکا Spicy/ Peppery , ڪئوڙا/ ڪوڙا ۽ مزاج ۾ خشڪ ۽ گرم ٿين ٿا۔۔۔ ھي کاڌن جو مان/ شان, تيک Spicy , خوشبوءَ جو سبب ھوندا آھن۔۔۔ ھي دنيا جي عام , ستسي , پر ذائقيدار شيءِ يا ڀاڄين ۽ کاڌي جو اھم جز آھن۔۔۔۔ ھي کاڌن کي لذيذ , مزيدار ڪرڻ ۽ خوشبو دار ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن ٿا۔۔۔


ساوا مرچ ھڪ سٺي ۽ ڪمائتي غذا /کاڌو ۽ ھڪ مؤثر ۽ بھترين دوا پڻ آھن۔۔


** ھي ٻنين ۾ خوبصورت ٻوٽن ۾ ڊگھين ۽ ننڍين ڦرين جي صورت ۾ پيدا ٿين ٿا۔۔ ڦرين جي اندر  پيلي/ اڇي رنگ جا ٻج Pods , ٿين ٿا۔۔۔ ٻوٽو گلدار ٿئي ٿو۔۔


** ھي آئرن/ فولاد ۽ وٽامن جو قدرتي خزانو آھن۔۔


** ھڪ وڏي مرچ ۾ وٽامن  اي 11 سيڪڙو , وٽامن سي 182 سيڪڙو ۽ 3 سيڪڙو آئرن / فولاد جا جزا پڻ شامل ھوندا آھن۔۔ جيڪي ھڪ سٺي صحت لاءِ ڪافي آھن۔۔۔۔ ھنن ۾ فاسفورس , پروٽين ۽ انيڪ صحت مند جزا شامل ھوندا آھن۔۔


** ھن ۾ موجود ڪيپسيسن يا ڪيپساسن Capsaicin نالي مرڪب کين تيکو/ تکوSpicy ۽ صحت بخش بنائي ٿو۔۔۔ جڏھن تہ انڊوفين Indofen , نالي مرڪب , جيڪو ھنن مان انساني پيٽ ۾ خارج ٿئي ٿو, انساني موڊ/ڪيفيت ۾ خوشگواري  پئدا۽ ذھني داٻاءُ ۾ گھٽتائيءَ جو سبب بنجي ٿو۔۔۔


** ساون مرچن ۾ ڪيلوريز Calories جي ماترا گھٽ/ نہ ھئڻ جي برابر ھوندي آھي ۔ ان ڪري ھي چرٻي / سڻڀ Fats , کي ساڙڻڻ ۽ گھٽائڻ ۾ مدد ڪن ٿا۔۔


ساون مرچن جو استعمال صدين کان ۽  مختلف اندازن ۾  کاڌي طور استعمال ٿي رھيو آھي۔۔۔ ھنن کي ديڳي کاڌن , سلاد , ھر قسم جي کٽاڻن/اچارن Pickles ۽ ڪچي / تريل Fried صورتن ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو۔۔۔ حڪمت ۽ طب جي دنيا ۾ ساون/ ڳاڙھن مرچن کي اھم ۽ اعليٰ مقام حاصل رھيو آھي۔۔۔


** تريل ۽ مصالحدار Fried and Spicy ساون مرچن جو طريقڪار ۔۔۔۔


 ** ھن ڪم لاءِ سڀ کان پھرين ھڪ مزيدار ۽ مصالحدار پيسٽ تيار ڪئي وڃي ٿي۔۔۔   پنھنجي ذائقي Test مطابق ھيٺين جزن Ingredients جي ضرورت پوي ٿي :- 


سونف  ڪُٽيل /ڏڏر ٿيلChoped  Anise Seeds ڏڏر  ٿيل/ ٿورا ڪُٽيل ڌاڻا Choped Coriender Seeds , اڇو جيرو White Cumim Seeds , اڇا تر White Sesamum Seeds , ڪلونجي Black Aromatice Seed, اجينو موتو Ajenomoto چائنيز لوڻ , لوڻ Salt , ٽابت ڳاڙھا مرچ , پيٺل رائي Choped Mustar Seeds , اردڪ Ginger , ٿوم Garlic , ٿورڙو آئيل/تيل A liitle bit Oil/ Ghee ۽ پُسيل گدامڙي  A Soaked Tamaind


طريقڪار :- 

ھنن مٿي بيان ڪيل  سڀني جزن Ingredients کي گڏ , ڏڏري/ اڌ ڪُٽي ڪري گدامڙيءَ جي پاڻيءَ ۾ پيسٽ ٺاھي , اڳ چيريل ساون مرچن ۾ ھٿن سان ڀري ۔۔ فرائي پان / تئيءَ ۾ ھلڪي باھ جي سيڪ تي ترايا وڃن۔۔۔ ٿوري دير بعد مزيدار تريل ساوا مرچ تيارٿي ويندا۔۔ ترجڻ بعد آخر ۾ ٿورڙو پُسيل گدامڙيءَ جو پاڻي يا ليمي جو رسُ ٻُرڪڻ گھرجي۔۔ جنھن سان سندن ذائقي ۾ اضافو ٿيندو۔۔۔۔


** ان بعد ڪنھن برتن/پليٽ ۾ ڪڍي , ھن  نھايت ئي لذيذ ۽ ذائقيدار بھترين خوراڪ کي چانورن Rice , دالن ۽ تازن اوڦراٽن / پراٺن Bread Fried with butter/Ghee سان کائڻ گھرجن۔۔۔۔

https://www.facebook.com/share/p/UbZcHuujvPVducVJ/?mibextid=qi2Omg

No comments:

Post a Comment