کُرِڙ ۔۔۔۔ عرف * مالِ غنيمت * کُھرچَن۔۔۔۔
*منھنجا عزيز ۔۔۔ ۽ جيون جا بھترين دوستو۔۔۔۔سچ پڇو تہ توھان منھنجي زندگيءَ جي روانگيءَ جا باعث ۽ ذريعہ آھيو ۔۔ رب پاڪ جي ڪرم ۽ عنايت کانپؤ اوھانجي خلوص ڀرين دعائن ۽ ساٿ جي ڪري زندگانيءَ ۽ جيون جي گاڏي کي ڪاھيندي پيو ھلان ۽ جئيان ۔۔
اوھانجو ساٿ منھنجي رب پاڪ جي طرفان عطا ڪيل نعمتن مان ھڪ بھترين نعمت ۽ انمول خزاني جي حيثيت رکي ٿو۔۔۔۔۔
* منھنجي زندگيءَ ۾ ڪجھ موقعہ تہ پنھنجو پاڻ ھلي ڪري مون وٽ پھتا۔۔ پر ڪجھ موقعن کي مون پاڻ ھڪ شرارتي / حرڪتي ٻار جي ڪيل حرڪتن جي حيثيت سان پنھنجي زندگيءَ ۾ شامل ڪيو۔۔۔ انھن حرڪتن مان خاندان جي اھم موقعن شادي , غمي يا ڪنھن خوشيءَ وارن موقعن تي ´ ديڳ ` ورھائڻ / ونڊڻ جي ڪم / حرڪت کي مناسب حد تائين پنھنجو فرض سمجھندي خلوصِ نيت سان نڀائيندو رھيو آھيان۔۔۔۔
* ´ديڳ ` ورھائڻ وقت منھنجو پھريون اصول ۽ نصب العين رھيو تہ ´ ديڳ ورھائڻ وقت نہ پاڻ کائبو ۽ نہ ئي ٻين کي کائڻ / کڻڻ ڏبو۔۔۔ڪافي حد تائين درست , سھي ۽ ڪامياب رھيو۔۔۔۔
* ´ ديڳ ` ونڊيندي / ورھائيندي ڪجھ تجربا ۽ مشاھدن جي حاصلات ملي۔۔۔ ھنن مشاھدن مان ´ ديڳ ` جي ورھاست بعد / آخر ۾ ھڪ ڪمال مشاھدو حاصل ٿيو۔۔۔۔
* تہ , ديڳ ` جي تھ خاني يعني تري ۾ ڪجھ وڌيڪ پڪل ۽ سخت قسم جو مادي جي حاصلات ٿي۔۔۔ جيڪا منھنجي لاءِ سخت محنت ۽ سخت جنگ جي ميدان ۾ فتح ۽ ڪاميابي کانپؤ ´ مالِ غنيمت ` جي حيثيت رکندي ھئي / آھي۔۔۔ جيڪا اڳتي ھلي ڪري منھنجي پسند ديدگي ۽ مرغوب غذا ۾ شامل رھي ۽ اڄ سوڌو شامل آھي۔۔۔ پؤ اھا پلاءُ , مٺن چانورن , گلتي ( مائي ۽ کير ۾ پڪل چانورن ) , برياني يا کيرڻي ءَ جي ڇو نہ ھجي۔۔۔ ان سخت ۽ پڪل مادي کي عام سنڌيءَ ۾ ´ کُرڙ ` چئجي ٿو۔۔۔۔
* جنھنجي حاصلات سولو يا آسان ڪم نہ آھي ۔۔۔ پر ھڪ جان جوکم وارو ڪم آھي۔۔۔ ڇو تہ ھن کي , ديڳ , جي تر مان وڏي دليري , ھمٿ , سان کَرڙي حاصل ڪري سگھجي ٿو۔۔ پر سائين ۔۔۔۔ کائڻ ۾ جيڪا لذت ۽ خوشي ٿئي ٿي۔۔ ان جو جواب ڪونھين۔۔۔۔
* کُرِڙ ۔۔۔۔ جي اصطلاح ۔۔۔۔۔ کُرڙ ۔۔۔ دراصل ديڳ يا ديڳڙي جي تر ۾ لڳل , چنبڙيل , يا چُھٽيل ٿوري سخت قسم جو مادو substance ھوندو آھي جنھن کي چمچي spoon يا ڪفگير a ladle with long handle سان کُرڙي / کَرڙي to scarpe حاصل ڪري سگھجي ٿي۔۔۔۔
* کُرڙ ۔۔۔۔ڪنھن بہ شئي مادي substance / Materies جي ٿي سگھي ٿي۔۔۔۔پر منھنجي تجربي/ مشاھدي مطابق پلاءُ/ برياني A rich desh made of Rice and meat , گُلتي A sweet desh made of Rice, Sugar, & Mawa , کيرڻي Rice cooked in malik and pulverized with sugar ۽ سئين / سنين Vermicelli ورمي سيلي ۔۔۔۔ جي کُرِڙ ۔۔۔ ذائقي ۽ لذت جي لحاظ کان کائڻ ۾ زبردست ۽ واھ جي ٿئي ٿي۔۔۔۔
سندس وجود ۔۔۔ پلاؤ , برياني, گُلتي ۽ کيرڻي کي تيار ڪري , آخر ۾ ديڳ / ديڳڙي جي مٿان ڍڪ ڍڪي ٿوري دير لاءِ باھ / ٽانڊن جي سِڪ تي رکيو وڃي ٿو۔۔ جنھن کي اصطلاح ۾ ´ دم ڪرڻ , يا , دم تي رکڻ ´ چيو وڃي ٿو۔۔۔ ان دؤران مادو ٿورو سخت ٿي ٿانونن جي تري ۾ چھٽي يا چنبڙي وڃي ٿو۔۔۔جيڪو ´ کُرِڙ ` سڏجي ٿو۔۔۔۔۔۔
* ھن ديڳي مالِ غنيمت کي سنڌيءَ ۾ کُرڙ ۔۔۔۔اردو ۽ ھنديءَ ۾ ´ کُھرچَن ` , عربيءَ ۾ ´ قشط ´ ٿانو جي کُرڙ ۔۔۔ يا ´ قشطِ الوعاء (چانورن جي کُرڙ ), قشط خميسه / ھريسه ( سئين/سنين جي کُرڙ ) , فارسيءَ ۾ ´ تراش ظرف ` ( ٿانو جي کُرڙ سڏجي ٿو۔۔۔ جڏھن تہ انگریزي ۾ To Adhere ( ٽو انڊھئير) , جنھنجي معنيٰ چنبڙيل يا چُٽيل مادو ورتي وڃي ٿي۔۔۔۔ انگريزي لغتن ۾ کُرڙ ۔۔لاءِ
To Adhere means to stick or Remaining / Left over some substance/ Materials at the bottom of Pots ( for Scraping) جي اصطلاح استعمال ڪئي وڃي ٿي۔۔۔
* تحقيق ۽ ڪتابن جي ورقن کي جھاڳيندي , خبر پئي تہ اھيو ديڳي مالِ غنيمت ڪا جھڙي , تھڙي معمولي شيءِ ڪونھين۔۔۔۔ حضرت انس رضہ اللہ تعالیٰ عنہ ( رواه الترمذي والبيھتي ´ شعب الايمان جو حوالو ڏيندي چوي ٿو تہ رسول ڪريم صلي الله عليه و آله وسلم جن کي ´ يعجبه الثُفل ` ( ھر قسم جي کُرڙ پنسد ھئي) ..... پر قربان وڃان رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم تان ڇو تہ سندن ھر فعل قول ۽ عمل ۾ ڪا نہ ڪا حڪمت ۽ امت لاءِ درس ھوندو ھو۔۔۔ پاڻ سڳورا صلي الله عليه و آله وسلم ۔۔ ديڳ جو مٿانھون کاڌو خاندان جي فردن , مھمانن , محتاجن ۽ فقيرن ۾ ورھائي ڇڏيندا ھئا۔۔۔ ۽ پاڻ صلي الله عليه وآله وسلم ديڳ جي تري ۾ بچيل کاڌو يعني کُرڙ کائيندا ھئا۔۔۔ سندن ھن عمل ۾ ايثار / قرباني , سخاوت , تواضع و انڪساري , صبر ۽ قناعت جا پھلو/ عنصر شامل ھئا۔۔۔ سبحان الله۔۔۔
* ان سان گڏوگڏ ھر ٻوليءَ ۾ ´ کُرڙ ` جي اصطلاح جي اھميت ۽ اوليت حاصل رھندي پئي اچي ۔۔۔ جنھن جو اندازو مختلف ٻولين جي ادب, شعرن /بيتن / چوڻين, پھاڪن ۾ سندس استعمال مان بخوبي لڳائي سگھجي ٿو ۔۔۔ جھڙوڪ
* ديڳ جي کُرڙ ھئڻ /ھجڻ
يعني وڏي خاندان مان/ سان لاڳاپو/ تعلق ھئڻ۔۔۔
* The last child of Family اولاد مان سڀني کان آخر ۾ پئدا ٿيڻ وارو ڇوڪرو/ ڇوڪري۔۔۔
* اردو شاعري ءَ ۾
” میرے برتن میں ہے محنت کی روٹی
کسی کی دیگ کی کُھرچَن نہیں ہے۔۔۔!
(ظفر صديقي) ۔۔۔
* ديڳي کُرڙ ۔۔ بيحد لذيز ۽ ھاضميدار ھوندي آھي۔۔۔ ھن ۾ موجود لذت ۽ چسڪو ۽ اصل طاقت , ھوندي آ۔۔۔۔
* ھن جي استعمال ۾ ٿوري احتياط جي ضرورت ۽ خيال ڪرڻ گھرجي۔۔۔ تہ حدکان وڌيڪ سڙيل کاڌو کُرڙڪري ۔۔ سمجھي ھرگز مھرباني ڪري ۔۔ نہ واپرائيندا۔۔۔۔ ان سان نقصان جي صورت ۾ پيٽ جو سور ٿي سگھي ٿو۔۔۔ ان ڪري پنھنجي پيٽ ۽ صحت جو خيال ضرور رکندا۔۔۔ دعاگو ۽ دعائن جو طالب۔۔۔۔
https://www.facebook.com/share/p/5oyjH8aKk5F49X33/?mibextid=qi2Omg
No comments:
Post a Comment